سندھی غزل ۔۔۔ ہمارے شہر محراب پور سندھ کے ابھرتے ہوئے نوجوان سندھی شاعر عاطف جانی Atif Jaani کی فرمائش پر اپنا ایک قطعہ اور اپنی ایک سندھی غزل پیشِ خدمت ہے ۔ ........... چو سٽو .......... تون مجبور سمجھي جفاؤن ڀلي ڪر مان ديوانو آھيان وفاؤن ڪريان ٿو صبح شام مون کي تون پٿر ڀلي ھڻ سڄڻ مان ته توکي دعائون ڪريان ٿو ................................................ ............... غزل ............ غلام محمد وامِق سڀئي سور سنھنجا ڪري ٿي محبت ھي ٽانڊن کي گلڙا ڪري ٿي محبت. عجب معجزا ھي محبت جا ڏس تون پراون کي پنھنجا ڪري ٿي محبت. ھي دنيا محبت سان گلزار آھي زماني تي ٿورا ڪري ٿي محبت. محبت جا جلوا تڏھن مار ڪن ٿا جڏھن ناز نخرا ڪري ٿي محبت. محبت جي جادوء کي سمجھڻ آ مشڪل جو ڪوجھن کي سھڻا ڪري ٿي محبت. مڃيو سين ته پاڻيء جو قطرو آ دنيا پر قطري کي دريا ڪري ٿي محبت. غرور ۽ وڏائيء جي بت کي سدائين ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ٿي محبت. سبق ھي شجاعت جو سڀ کي ڏئي ٿي ضعيفن کي سوڍا ڪري ٿي محبت. خدا جو پيارو آ سمجھو اھو ئي وڃي جنھن تي قبضا ڪري ٿي محبت. ٻئي ڪنھن طريقي سان ٿي نه سگھن جي ھو ڪم منھنجا پيارا ڪري ٿي محبت. محبت ئي وامِق کي وامِق ٿي ٺاھي ۽ عذرا کي عذرا ڪري ٿي محبت. ............................................. نومبر سال 1987ء ۾ چيل ڪلام. شاعر - غلام محمد وامِق، محراب پور سنڌ.

 ہمارے شہر محراب پور سندھ کے ابھرتے ہوئے نوجوان سندھی شاعر عاطف جانی Atif Jaani کی فرمائش پر اپنا ایک قطعہ اور اپنی ایک سندھی غزل پیشِ خدمت ہے ۔ 


........... چو سٽو  .......... 

تون مجبور سمجھي جفاؤن ڀلي ڪر 

مان ديوانو آھيان وفاؤن ڪريان ٿو 


صبح شام مون کي تون پٿر ڀلي ھڻ 

سڄڻ مان ته توکي دعائون ڪريان ٿو 

                                    ................................................


...............   غزل  ............ 

          غلام محمد وامِق 


سڀئي سور سنھنجا ڪري ٿي محبت 

ھي ٽانڊن کي گلڙا ڪري ٿي محبت. 


عجب معجزا ھي محبت جا ڏس تون 

پراون کي پنھنجا ڪري ٿي محبت. 


ھي دنيا محبت سان گلزار آھي 

زماني تي ٿورا ڪري ٿي محبت. 


محبت جا جلوا تڏھن مار ڪن ٿا 

جڏھن ناز نخرا ڪري ٿي محبت. 


محبت جي جادوء کي سمجھڻ آ مشڪل

جو ڪوجھن کي سھڻا ڪري ٿي محبت. 


مڃيو سين ته پاڻيء جو قطرو آ دنيا 

پر قطري کي دريا ڪري ٿي محبت. 


غرور ۽ وڏائيء جي بت کي سدائين

ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ٿي محبت. 


سبق ھي شجاعت جو سڀ کي ڏئي ٿي

ضعيفن کي سوڍا ڪري ٿي محبت. 


خدا جو پيارو آ سمجھو اھو ئي

وڃي جنھن تي قبضا ڪري ٿي محبت. 


ٻئي ڪنھن طريقي سان ٿي نه سگھن جي 

ھو ڪم منھنجا پيارا ڪري ٿي محبت. 


محبت ئي وامِق کي وامِق ٿي ٺاھي 

۽ عذرا کي عذرا ڪري ٿي محبت. 

                                       .............................................

نومبر سال 1987ء ۾ چيل ڪلام. 

شاعر - غلام محمد وامِق، محراب پور سنڌ.



SHARE THIS
Previous Post
Next Post
Powered by Blogger.