میری سندھی زبان میں شاعری ، تین عدد سندھی غزلیں اور ایک سندھی قطعہ ( چو سٹو)

 سنڌي چو سٽو 

غلام محمد وامِق 


تون مجبور سمجھي جفائون ڀلي ڪر . 

مان ديوانو آھيان وفائون ڪيان ٿو .  

صُبُح شام مون کي تون پٿر ڀلي ھڻ . 

سڄڻ مان ته تو کي دعائون ڪيان ٿو. 

                      ____________

فعولن فعولن فعولن فعولن. 

بحر- متقارب مثمن سالم . 

نومبر 1987ء ۾ چيل شاعري . 


سنڌي غزل 

غلام محمد وامِق 


ھي سورن کي سنھنجا ڪري ٿي محبت. 

ھي ٽانڊن کي گلڙا ڪري ٿي محبت. 


عجب معجزا ھي محبت جا ڏس تون . 

پراون کي پنھنجا ڪري ٿي محبت . 


ھي دنيا محبت سان گلزار آھي . 

زماني تي ٿورا ڪري ٿي محبت. 


محبت جا جلوا تڏھن مار ڪن ٿا . 

جڏھن ناز نخرا ڪري ٿي محبت. 


محبت جي جادو کي سمجھڻ آ مشڪل . 

جو ڪوجھن کي سھڻا ڪري ٿي محبت . 


حقيقت ۾ پاڻي جو قطرو آ دنيا.

ھي قطري کي دريا ڪري ٿي محبت. 


غرور ۽ وڏائي جي بت کي سدائين.

ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ٿي محبت. 


سبق ھي شجاعت جو سڀ کي ڏئي ٿي. 

ضعيفن کي سوڍا ڪري ٿي محبت. 


محبت ئي وامِق کي وامِق ٿي ٺاھي . 

۽ عذرا کي عذرا ڪري ٿي محبت. 

             _________________

فعولن فعولن فعولن فعولن. 

بحر- متقارب مثمن سالم. 

ھي غزل نومبر 1987ء ۾ چئي وئي .


سنڌي غزل 

غلام محمد وامِق 


جي مون ڏي پيار سان پيارا نھاريندين ته ڇا ٿيندو . 

ٻري ٿي ٻاھ ھن دل ۾ جي ٺاريندين ته ڇا ٿيندو. 


ازل کان آھي دل پياسي مٺا تنھنجي ئي درشن جِي . 

جَي مون کي شربتِ ديدار پياريندين ته ڇا ٿيندو. 


سدائين رات ڏينهن پيارا رقيبن سان رھين ٿو گڏ . 

اچي ٻه چار گھڙيون مون سان گھاريندين ته ڇا ٿيندو. 


ستايل دنيا جا آھيون رڳو ڪو ھڪڙو غم ناھي . 

اي منھنجا دوست، جي تون به ستائيندين ته ڇا ٿيندو. 


حياتيء ۾ ته پڇيو حال به منھنجو نه تون وامِق. 

قَبَر تي منھنجي تون ڳوڙھا وھائيندين ته ڇا ٿيندو. 

                 ------------------------

مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن. 

بحر- ھزج مثمن سالم. 

اھا غزل فيبروري 1987ء ۾ چئي وئي. 


غزل 

غلام محمد وامِق 


وڏيرن کي بي جي تون حق ٻڌائيندين ته ڇا ٿيندو. 

فرعوني ٻاھ کي رت سان وسائيندين ته ڇا ٿيندو. 


وڌل آھي ڳچين ۾ ھي غلاميء جو اسان کي طوق . 

فرنگيء جي نظامن کي تون ڊاھيندين ته ڇا ٿيندو. 


غريبن ۽ مزورن جو سدائين رت پيئن ٿا جي . 

انھن وحشي درندن کي مٽائيندين ته ڇا ٿيندو. 


وطن سان جنھن کي ڪا الفت نه ڪو ايمان آ جنھن جو. 

مئل جزبات جي ان جا اڀاريندين ته ڇا ٿيندو. 


ھي دنيا سامراجي آ سڄي دنيا کي ڊاھي ڇڏ . 

رڳو پنھنجي ئي دنيا پاڻ ڊاھيندين ته ڇا ٿيندو. 


اسان کي ھڪڙي ڏينھن وامِق زماني کان  ئي اٿڻو آ . 

سڄڻ جي پنھنجي محفل کان اٿاريندين ته ڇا ٿيندو.

               --------------------------

مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن. 

بحر- ھزج مثمن سالم. 

اھا غزل جنوري 1991ء ۾ چئي وئي



SHARE THIS
Previous Post
Next Post
Powered by Blogger.